اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن ۾ هن عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مو??ب ٻن??ي اڳواڻن پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ويجهي ڀائرا??ن لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي قطر سان گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. ٻن??ي اڳواڻن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. قطر جي امير پڻ گرمجوشي سان وزيراعظم کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم قطر جي امير کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني جيڪا امير قبول ڪندي خاطري ڪرائي ته هو جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. گذريل سال ٻن??ي م??ڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 50 هين سالگرهه ملهائي وئي. ٻن??ي اڳواڻن هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ سمورن گڏيل لاڀائتن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگ??ه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير ۾ ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا