اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف صوبائي حڪومتن کي بجلي چوري جي خاتمي واري مهم ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ ۽ بجلي چورن کي سخت سزائون ڏيڻ، اوور بلنگ جي خاتمي ۽ ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ صارفين جي سهولت لاءِ موثر ۽ متحرڪ نظام قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وڌندڙ گرمي جي ڏس ۾ ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي. هن اها هدايت بجلي جي لوڊشيڊنگ، بجلي چوري جي روڪٿام ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري، پيٽروليم واري وفاقي وزير داڪٽر مصدق ملڪ، وزير??عظ?? جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضال ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ آفيس??ن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي سطح تي بجلي جي طلب ۽ پهچ ۽ لوڊشيڊنگ جي رجحانن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته بجلي جي عدم فراهمي بابت شڪايتن جي وقت سر داخلا جي لاءِ ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ صارفين جي سهولت لاءِ موثر ۽ متحرڪ نظام قائم ڪيو وڃي، وڌندڙ گرمي جي ڏس ۾ ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي، نئين ٽرانسفارمرز جي خريداري صرف عالمي معيار جي خصوصيتن موجب ٿئي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي لاءِ عالمي سطح تي لاڳو جديد نظام مان فائدو کنيو وڃي، صوبائي حڪومتون بجلي چوري جي خاتمي واري مهم ۾ ڀرپور ساٿ ڏين ۽ بجلي چورن کي قرار واقعي سزائون ڏنيون وڃن، اوور بلنگ جو خاتمو ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته اوور بلنگ جي ڏس ۾ پهرين اپريل کان 30 مئي تائين 134 ڪيس داخل ۽ 90 ملازمن کي گرفتار ڪيو وي?? آهي. اجلاس ۾ وزير??عظ?? ک?? نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جي نئين سر تنظيم سازي جي عمل ۾ هيستائين جي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي سلسلي ۾ ايندڙ سال جي ترقياتي بجيٽ ۾ 124611 ٽرانسفارمرز جي ميٽرنگ جو منصوبو پڻ شامل ڪيو وي?? آهي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون سان آئيسڪو جا هڪ ڀاڱي ٽي صارفين سمارٽ ميٽرز تي منتقل ڪيا پيا وڃن، بعد ۾ ان منصوبي جو دائرو ملڪ جي ٻين علائقن تائين وڌايو وي??دو. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته بهتر ريڪوري وارا علائقا لوڊشيڊنگ فري جڏهن ته بجلي کاتن جي رهتن ۽ بجلي چوري جي علائقن ۾ رڳو جزوي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ وزير??عظ?? کي بجلي چوري جي خاتمي جي مهم جي هيستائين جي اڳڀرائي جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو وي??. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته صوبائي حڪومتن جي تعاون سان بجلي چوري جي خاتمي واري مهم ڪاميابي سان جاري آهي، بجلي چوري جي خاتمي واري مهم ۾ 9 سيپٽمبر 2023ع کان هيستائين 160004 ايف آءِ آر داخل، 97885 ماڻهو گرفتار ۽ 448 ملازم معطل ڪيا ويا آهن.
وزيراعظم پاران صوبائي حڪومتن کي بجلي چوري جي خاتمي واري مهم ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ ۽ بجلي چورن کي سخت سزائون ڏيڻ، اوور بلنگ جي خاتمي ۽ ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ صارفين جي سهولت لاءِ موثر ۽ متحرڪ نظام قائم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا