اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بجيٽ ۾ صحت، تعليم، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي، ائين ممڪن نه آهي ته غريب ٽيڪس ڏي ۽ اشرافيه کي ٽيڪس مراعتون ڏنيون وڃن، ترجيحي بنيادن تي ادارن ۾ سڌارن ۽ ملڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ادارن جي نجڪاري جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي عوام دوست بجيٽ 25 – 2024ع جي منظوري تي پذيرائي ڪئي آهي. وزيرا??ظم سان ناڻي واري وفاقي وزير قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ جي منظوري کانپوءِ ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم ناڻي واري وزارت، منصوبابندي واري وزارت، ايف بي آر ۽ سمورين لاڳاپيل وزارتن جي آفيسرن جي بجيٽ جي تياري جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. وزيرا??ظم چيو ته بجيٽ اجلاس ۾ حڪومت، اتحادي ميمبرن ۽ مخالف ڌر سڀ??ي ڀرپور حصو ورتو، اميد ڪريون ٿا ته بجيٽ 25 – 2024ع پاڪستان جي لاءِ تر??ي ۽ خوشحالي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته پوري ڪوشش ڪئي ته موجوده وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ ر??لي?? ڏيون، بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي، پينشنرز ۽ مزدورن کي ر??لي?? ڏنو، بجيٽ ۾ صحت، تعليم، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو. هن چيو ته اشرافيه ۽ ٽيڪس نه ڏيندڙن کي ٽيڪس ۾ آڻينداسين، ائين ممڪن نه آهي ته غريب ٽيڪس ڏي ۽ اشرافيه کي ٽيڪس مراعتون ڏنيون وڃن. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان جي تر??ي ۽ خوشحالي جو سفر شروع آهي، الحمدالله پاڪستان جي معيشت صحيح رخ طرف گامزن آهي. هن چيو ته حڪومت ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي، ترجيحي بنيادن تي ادارن ۾ سڌارن ۽ ملڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ادارن جي نجڪاري جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.
بجيٽ ۾ صحت، تعليم، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت