اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ هيستائين 37 هزار فلسطيني شهيد ۽ 20 لک بي گهر ٿي چڪا آهن، پاڪستان ان معاملي تي او آءِ سي، استنبول ۾ پرڏيه?? وزيرن واري اجلاس ۾ پڻ ڀرپور آواز اٿاريو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ فلسطين مسئلي تي پنهنجي پاليسي بيان ۾ هن چيو ته اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ هيستائين 37 هزار فلسطيني شهيد ۽ 20 لک بي گهر ٿي چڪا آهن. پاڪستان ان معاملي تي او آءِ سي، استنبول ۾ پرڏيه?? وزيرن واري اجلاس ۾ پڻ ڀرپور آواز اٿاريو آهي. عمان ۾ پڻ 65 ملڪ?? جي اجلاس ۾ اسرائيلي ڏاڍ روڪرائڻ جي لاءِ آواز اٿاريو، هيستائين فلسطيني?? جي لاءِ امدادي سامان جون 9 کيپون موڪلي چڪا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جو واضح موقف آهي ته اسرائيل جنگي ڏوهن جو مرتڪب ٿي رهيو آهي، جنگي ڏوهه ڪرڻ تي اسرائيل جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته وزيراعظم ايس سي او اجلاس ۾ پڻ ان مسئلي تي ڀرپور آواز اٿاريو. پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل بيت المقدس جي گادي واري شهر سان گڏ آزاد فلسطيني رياست جو حامي آهي. هن چيو ته انگلينڊ جي ڪجهه تنظيمن غزه ۾ ميڊيڪل جي شاگرد?? جي مسئلن کان اسان کي آگاهه ڪيو جنهن تي اسان پي ايم ??ي سي کي فلسطيني ميڊيڪل شاگرد?? جي طبي تعليم ??يڻ بابت لکيو هو. پي ايم ??ي سي پرڏيه?? وزارت جي موقف تي فلسطيني شاگردن کي پنهنجي انتظام هيٺ ميڊيڪل ڪاليجز ۾ تعليم جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ هيستائين 37 هزار فلسطيني شهيد ۽ 20 لک بي گهر ٿي چڪا آهن، پاڪستان ان معاملي تي او آءِ سي، استنبول ۾ پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ ڀرپور آواز اٿاريو آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں