اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران خيبر پختونخوا، ڏکڻ اوڀر سنڌ، اتر/ ڏکڻ بلوچستان، ڏکڻ پنجاب، ڪشمير ۽ ??لگ?? بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سا?? برسات جو امڪان آهي، تيز برسات سبب هيٺين سنڌ ۽ هيٺين بلوچستان جي هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي. موسميات کاتي جي رپورٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ جهڙالي رهي جڏهن ته ڪراچي سميت ڏکڻ اوڀر سنڌ، مٿاهين خيبر پختونخوا ۽ ??لگ?? بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سا?? برسات ٿي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد مطابق تربت ۾ گرمي پد 45، جيڪب آباد ۾ 44، نوڪنڊي، دالبندين ۾ 43، سبي، روهڙي، مٺي ۽ موهن جو ڊڙو ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : راکی