اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سيني??ر روبينه خالد بي آءِ ايس پي جي حقدار عورتن ۽ سند?? ڪٽنبن لاءِ عالمي معيار موجب هنرمنداڻو تربيتي پروگرام مت??ار?? ڪرائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. انساني ۽ سماجي ترقي جي ڊاڪٽر صوفيه شڪيل جي سربراهي ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي هڪ وفد سان ملاقات دوران سيني??ر روبينه خالد ان ڳالهه تي زور ڀريو ته انهن قدمن جو مقصد حقدار خاندانن جي غربت ختم ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ آهي، هو فعال شهري جي حيثيت سان قومي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن. ڪالهه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿيل ملاقات ۾ اي ڊي بي طرفان شن لونگ کي مشن ليڊر/پرنسپل سوشل پروٽيڪشن اسپيشلسٽ ۽ عمر بن ضيا س??نئر سوشل پروٽيڪشن آفيسر به موجود هئا. سيني??ر روبينه خالد انساني وسيلن جي ترقي جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پرڏيهي ملڪن ۾ ضرورت وارا ڪورسز جهڙوڪ هيلٿ ڪيئر ۽ مهمانوازي جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته حقدارن کي انهن مهارتن سان همڪنار ڪرڻ سان کين پرڏيهه ۾ روزگار جا بهتر موقعا ملي سگهندا جنهن سان انهن جي معاشي حالتن ۾ بهتري ايندي. صوفيه شڪيل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي متحرڪ ۽ اداره جاتي ميڪنزم جي واکاڻ ڪندي ??سڪ?? ڊولپمينٽ جي اهميت کي تسليم ڪيو. هن سپلائي سائيڊ تي مدد لاءِ اي ڊي بي جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ خاص ڪري صوبائي سطح تي تعليم، صحت ۽ غذائيت جي حوالي سان بي آءِ ايس پي سان تعاون وڌائڻ جي اميد ظاهر ڪئي.
بي آءِ ايس پي چيئرپرسن سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل