اسلام آباد -29 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگز??ب، وزيراعظم يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم کي ساراهيندي چيو آهي، ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي معاونت فر??هم ڪرڻ جي حوالي سان هي هڪ اهم پروگرام آهي. اهڙو اظهار ه?? وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. راڻا مشهود احمد خان ناڻي واري وفاقي وزير کي پروگرام جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ چيو ته نوجوانن ۾ ڪاروبار کي هٿي وٺائڻ ۽ انهن کي آسان واپاري قرض فر??هم ڪرڻ جي حوالي سان هي اسڪيم اهميت رکي ٿي. هن چيو ته اسڪيم تحت نوجوانن کي وياج جي گهٽ شرح تي ڪمرشل اسلامڪ ۽ ايس ايم اي بئڪن ذريعي آسان قرض ڏنا پيا وڃن. ملاقات ۾ اسڪيم جي موجوده ساک، آپريشن معاملن ۽ لاجسٽڪ س??يت ٻين اهم معاملن کي شامل ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ناڻي واري وزير اسڪيم کي ساراهيندي چيو ته ملڪ جي مجموعي اقتصادي اوسر ۾ اهڙي طرح جون سرگرميون اهميت رکن ٿيون. ملاقات ۾ نوجوانن کي موقعا فر??هم ڪرڻ ۽ پائيدار ڪاروبار جي قيام جي حوالي سان قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو ويو.
وزيراعظم يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم ايس ايم ايز کي معاونت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان اهم پروگرام آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری