سرينگر-04 آگسٽ (اي پي پي) والاريل ڪشمير سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري (اڄ) 5 آگسٽ تي ”يوم استحصال ڪشمير“ طور ملهائيندا، ته جيئن 2019ع ۾ ان ڏينهن بي جي پي پاران هندو پرست حڪومت جي کنيل غيرقانوني قدمن خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي سگهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب بي جي پي جي اڳواڻي ۾ ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانون ج?? کليل نموني ڀڃڪڙي ڪندي ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 کي ختم ڪندي علائقي کي فوجي ڪڙو چاڙهيو هو. آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي نظربند چيئرمين مسرت عالم بٽ ۽ شبير احمد شاهه ڪشميري عوام ??ي اپيل ڪئي آه?? ته اهي 5 آگسٽ کي ڪارو ڏينهن ڪري ملهائين ته جيئن دنيا ??ي اهو واضح پيغام ڏئي سگهجي ته ڪشميري ڀارت جي ظالماڻن قدمن ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي کي تسليم نه ٿا ڪن. حريت اڳواڻن جيل مان پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ چيو ته 5 آگسٽ 2019ع والاريل ڄمون ڪشمير جي لاءِ ڪارن ڏهاڙن منجهان هڪ آه??. هنن چيو ته 5 سالن جي لاڳيتو فوجي ۽ پوليس ڪڙي، ظلم ۽ ڏاڍ توڙي انساني حقن جي ڀڃڪڙين سڄي علائقي ۾ ت??اهي مچائي ڇڏي آه?? جنهن کي ڀارت جي هندو پرست حڪومت هڪ ٽارچر سيل ۾ ت??ديل ڪري ڇڏيو آه??.
ڪشميري (اڄ) 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير طور ملهائيندا
مضمون کا ماخذ : loteria estadual