اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدم?? واري وفاقي وزير احسن اقبال ڪانسپٽ پيپرز جي تياري جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت پاڪستان ۽ چين، ??ي پيڪ فيز2 تحت انهن پنج اقتصادي راهدارين تي جلد کان جلد ڪم شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ٿيل سي پيڪ منصوبن جي حوالي سان جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري پلاننگ اويس منظور سمرا، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، ??دارن جي سربراهن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. هن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز ۽ وزارتن جي اعليٰ عملدارن کي انهن ڪوريڊ??رز تي گڏيل پلان جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته سمورن ورڪنگ گروپس کي آگسٽ 2023ع ۾ چين جي صدر جن پنگ جي تجويز ڪيل 5 ڪاريڊ??رز تي ڪانسپٽ پيپرز تيار ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون هيون، ??ڪومت پاڪستان ۽ چين، ??ي پيڪ فيز 2 تحت انهن 5 اقتصادي راهدارين تي جلد کان جلد ڪم شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪانسپٽ پيپرز جي تياري جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، سي پيڪ فيز 2 جا سمورا منصوبا انهن پنج نون ڪوريڊ??رز موجب تيار ڪيا وڃن. احسن اقبال چيو ته پنج نون ڪاريڊ??رز ۾ گروٿ، اڪنامڪ ڊولپمينٽ پروجيڪٽس، انوويشن، گرين ۽ ريجنل ڪنيڪٽيويٽي شامل آهن، ??هي پنج ڪوريڊ??رز پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي فريم ورڪ ”فائيو اي ايز“ سان هڪجهڙائي رکن ٿا. هن چيو ته انوويشن ڪوريڊور تحت جديد ٽيڪنالاجي ذريعي نون منصوبن جو بندوبست ۽ نوجوانن کي آءِ ٽي ۾ مهارت ڏيڻ شامل آهي. اوپن ريجنل کي آپريشن تحت سي پيڪ سينٽرل ايشيا سان رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته پنج ڪوريڊ??رز جي حوالي سان پاڪستان جي هوم ورڪ بابت تيار ڪيل دستاويز چين جي وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري دوران پيش ڪئي ويندي. هن هدايت ڪئي ته سموريون وزارتون سي پيڪ پورٽ فوليو تحت پنج سالن جو منصوبو تيار ڪن ۽ کين جي سي سي آڏو پيش ڪن، ??يپٽمبر ۾ وڌ کان وڌ جوائنٽ ورڪنگ گروپس ج?? اجلاس منعقد ڪيا وڃن ته جيئن آئنده پنج سالن جي سي پيڪ جو لائحه عمل تيار ڪري سگهجي، اسان جو مقصد صنعتي ۽ واپاري ترقي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي، ڊگهي مدي وارن منصوبن کي هر شعبي جي لحاظ کان بريڪ اپ ڪري ورڪنگ گروپس ۾ شامل ڪيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته سموريون وزارتون ايندڙ 15 ڏينهن ۾ سي پيڪ جو باقاعده پلان تيار ڪري پيش ڪن، گڏيل ورڪنگ گروپ جي ايجنڊا ۽ ڄا??اي?? منصوبن جي چونڊ لاءِ هفتيوار گڏجاڻيون منعقد ڪيون وڃن، ??يندڙ پنج سالن جي ڄا??اي?? ايجنڊا ۽ پلان تيار ڪن. هن چيو ته اسان کي نه رڳو پنهنجو پنج سالن جو منصوبو تيار ڪرڻ گهرجي پر چين جي سي پيڪ فيز 2 جي منصوبي جي به مڪمل تفصيل معلوم هجڻ گهرجن. نون آئيڊياز تي ٻڌل منصوبا تيار ڪريون، ??يندڙ گڏيل ورڪنگ گروپ ۽ جي سي سي جي اجلاس لاءِ ڄا??اي?? منصوبن تي ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي.
پاڪستان ۽ چين، سي پيڪ فيز 2 تحت 5 اقتصادي راهداري تي جلد کان جلد ڪم شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون