گڏيل قومون -25 نومبر (اي پي پي)دنيا ۾ هر 10 منٽن ۾ هڪ عورت کي سندس ويجهن ساٿين يا خا??دا?? جي ٻين ماڻهن هٿان قتل ڪيو ويندو آهي. عالمي سطح تي 2023ع ۾ 85 هزار عورتن ۽ ڇوڪرين کي قتل ڪيو ويو. 60 سيڪڙو عورتن جو قتل ويجها ساٿي يا خا??دا?? جا ٻيا ماڻهو ڪندا آهن. 25 نومبر تي عورتن خلاف تشدد جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي ٻن ايجنسين يو اين وومين ۽ گڏيل قومن جي منشيات ۽ ڏوهن بابت آفيس (يو اين او ڊي سي) طرفان تيار ڪ??ل ٻن رپورٽن فيميسائيڊز ان 2023 فيملي ميمبر فيميسائيڊ ۾ مرتب ڪيل دستياب انگن اکرن مان خبر پوي ٿي ??ه عالمي سطح تي 2023ع ۾ 85 عورتن ۽ ڇوڪرين کي ڄاڻي واڻي قتل ڪيو ويو. گڏيل قومن جي عورتن، منشيات ۽ ڏوهن بابت آفيس چيو آهي، ته عالمي سطح تي 2023ع دوران اٽڪل 51 هزار 100 عورتن ۽ ڇوڪرين جي موت جو ذميوار هڪ ويجهو ساٿي يا خا??دا?? جو فرد هو. گڏيل قومن مطابق اهو انگ 2022ع ۾ 48 هزار 800 هو جڏهن ته گذريل سال ان ۾ اضافو ٿيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، ته ساٿين ۽ خا??دا?? هٿان سڀني کان وڌيڪ عورتون آفريقا ۾ قتل ٿيون، ان کان پوءِ آمريڪا ۽ اوشيانا جو نمبر اچي ٿو. يورپ ۽ آمريڪا ۾، گهريلو تشدد ۾ مارجي ويل اڪثر عورتن جي شرح (ترتيب وار 64 سيڪڙو ۽ 58 سيڪڙو) آهي.
عالمي سطح تي 2023ع ۾ 85 هزار عورتن ۽ ڇوڪرين کي قتل ڪيو ويو: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو