اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پ?? پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڪشمير تڪ??ار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ٿ??ڻ گهرجي، پاڪستان ڪشميرين جي پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جاري جدوجهد جي سفارتي ۽ اخلاقي سطح تي حمايت جاري رکندو، پاڪستان بيگناهه ڪشميرين جي خلاف ڀارتي سيڪيورٽي فورسز تي تشدد جي ڪاررواين جي ڀرپور مذمت ڪري ٿو. هن اها ڳالهه آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل صدر مسعود خان سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران چئي. صدر ممنون حسين مسعود خان کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر ??ي حيثيت سان ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر ??زاد ڪشمير ۾ تازيون ڪامياب چونڊون منعقد ڪرڻ ۽ چونڊيل حڪومت کي پرامن اقتدار جي منتقلي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل