اسلام آباد – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ٽيڪسٽائيل، زرعي مشينري ۽ دواسازي جي شعبن ۾ وسيع تر حصيداري سان سي??يگ??ل سان ٻطرفن واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم هائوس ۾ سي??يگ??ل جي صدر ميڪي سال سان خصوصي ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهين دوران وزيراعظم ٻطرفي واپار کي 30.469 ملين ڊالر ساليانو جي م??جو??ه سطح کان وڌائي حقيقي صلاحيتن سان هم آهنگ ڪرڻ تي زور ڏنو. هن وقت پاڪستان جي سي??يگ??ل جي لاءِ ساليانو روانگي واپار 29.33 ملين ڊالر آهي جڏهن ته سي??يگ??ل سان آمدني واپار جو ڪاٿو 1.06 ملين ڊالر آهي. ڳالهين دوران وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ سي??يگ??ل جي صدر پنهنجي پنهنجي وفدن جي سربراهي ڪئي. وزيراعظم نواز شريف سي??يگ??ل جي صدر تي زور ڀريو ته هو چمڙي ۽ هلڪي انجنيئ??نگ جي مصنوعات، زرعي مشينري ۽ ساز و سامان سميت پاڪستاني مصنوعات مان فائدو کڻي. هن چيو ته ان ڏس ۾ اسان جي واپار واري وزير جي سربراهي ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري وفد سي??يگ??ل جو دورو ڪري سگهي ٿو. هن شگر ۽ سيمنٽ پلانٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ سي??يگ??ل کي فني تعاون جي فراهمي کانسواءِ زرعي شعبي کي هٿي وٺرائڻ جي آڇ پڻ ڪئي.
وزيراعظم پاران سينيگال سان ٻطرفن واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر