اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير مسئلي تي پوري قوم ۽ پارليامينٽ هڪ آهي، ڀارت ڪشمير جي مسئلي تي نه ته ٽئين ڌر جي ثالثي مڃي ٿو ۽ نه ئي ٻطرفين ڳالهين لاءِ تيار آهي، اسان کي ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ وڌيڪ 10 هزار فورس موڪلڻ جي اط??اع تي ڳڻتي آهي جنهن کي اسان هر سطح تي اٿارينداسين. ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين سيد فخر ا??ام سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ پ??يس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڪشمير جي ڳنڀير صورتحال جي ڏس ۾ پ??رليامينٽ جي ڪشمير ڪميٽي جو خصوصي اجلاس چيئرمين سيد فخر ا??ام جي صدارت ۾ پ??ڏيهي وزارت ۾ ٿيو جنهن ۾ اسان ڪشمير جي صورتحال ۽ اڳتي جي حڪمت عملي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ