ڪراچي – 21 اپريل (اي پي پي) پي ٽي آئي جي ??رڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ اسمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي ??ارليماني اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ 20 اپريل تائين 15 لک 73 هزار 149 ماڻهن کي 18 ارب 87 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا آهن، سنڌ حڪومت 18 سئو جو راشن به سنڌ جي ڪنهن خاندان کي ناهي ڏنو، وزيراع??م ڏکئي وقت ۾ سنڌ کي ناهي وساريو، لاڪ ڊائون ۽ ڪرونا جي ڪري ڪيترائي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور متاثر ٿيا آهن، اسان بنا ڪنهن فرق جي سڀني کان اڳ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ غريب ??ور??ن کي امداد ڏني آهي. پنهنجي ??ڊيو پيغام ۾ حليم عادل شيخ چيو ته وزيراعظم عمران خان ڏکئي وقت ۾ سنڌ کي وسا??يو نه آهي، لاڪ ڊائون ۽ ڪرونا وائرس جي ڪري ڪيترائي ڏهاڙيدار مزدور متاثر ٿيا آهن، سنڌ حڪومت رڳو اعلان ڪيو ته راشن ڏيئي رهيا آهيون، جيڪو اڃا تائين ناهي مليو.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا