اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سنڌ حڪومت ??را??ي سميت صوبي جي عوام جي مسئلن کي نظر انداز ڪيو جنهن سان موجوده صورتحال پيدا ٿي آهي، ??فاقي حڪومت سمورا سياسي اختلافن کي مٿانهون رکندي سنڌ جي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ جامع ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، ??خالف ڌر ايف اي ٽي ايف جي معاملي تي قانونسازي ۾ رخنو وجهي اين آر او چاهي ٿي، ??لڪ ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ ۾ وڃڻ جي سٽ نٿو سهي سگهي، عوام جي سامهون مخالف ڌر جو ڪردار بي نقاب ڪندا رهنداسين، انهن جو مقصد ملڪي مفاد نه پر ذاتي مفاد ۽ پنهنجي اڳواڻن جو تحفظ آهي، درآمدي کنڊ ۽ ڪڻڪ ملڪ ۾ پهچي چڪي آهي جنهن سان قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي، ??اڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي پاليسين جو محور لاچار ۽ غريب طبقا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊيپارٽمينٽ ۾ پري?? ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??را??ي جي عوام جنهن ڪرب مان گذري رهي آهي ان سان وفاقي حڪومت لاعلم نه آهي، حڪومت سميت پوري قوم کي ??را??ي جي عوام سان پوري همدردي آهي، ??ن چيو ته وزيراعظم عمران خان روزاني جي بنياد تي ??را??ي جي صورتحال تي بريفنگ وٺي رهيو آهي، ??زيراعظم عمران خان هلندڙ هفتي ??را??ي جو دورو ڪندو، وزيراعظم سنڌ جي صوبائي حڪومت کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي.
سنڌ حڪومت ڪراچي سميت صوبي جي عوام جي مسئلن کي نظر انداز ڪيو آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری