اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) ساموندي معاملن واري وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته نئين شپنگ پاليسي سيڙپڪارن جي لاءِ بهترين آهي جنهن ۾ سڀني جي لاءِ آساني هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي انٽرنيشنل ميري ٽا??يم ڪانفرنس ۾ شرڪت دوران ڪيو. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته مون کي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري خوشي ٿي رهي آهي، ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ ٽيڪنالاجي جو اهم ڪردار هوندو آهي. ميري ٽا??يم شعبي ۾ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي صلاحيت آهي. ماڻهن کي بليو اڪانومي ۽ ان بابت سمجهڻ وڏو چ??لي??ج آهي. علي زيدي جو وڌيڪ چوڻ هو ته دبئي، ملائيشيا سميت سڄ?? دنيا ۾ جزيرا ترقي جي لاءِ استعمال ٿين ٿا. گوادر ٽرانسشپمينٽ جي لاءِ آئيڊيل تصور ڪيو وڃي ٿو منسٽري آف ميري ٽا??يم ۽ ڪامرس جي ??چ ۾ ڪجهه معاملا هلي رهيا آهن جلد ان حوالي سان آگاهه ڪيو ويندو. نئين شپنگ پاليسي انويسٽرز جي لاءِ بهترين آهي اسان شپنگ پاليسي ۾ ترميمون اهڙي طرح ڪيون آهن جو سڀني کي آساني ٿئي. شپنگ پاليسي جي لاءِ اسان پنهنجو پرپوزل موڪلي ڇڏيو آهي جلد ئي ان تي ڪا سٺي خبر ملندي.
نئين شپنگ پاليسي سيڙپڪارن جي لاءِ بهترين آهي جنهن ۾ سڀني جي لاءِ آساني هوندي: علي زيدي
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔