اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پا??ستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ واپار ۽ گڏيل رابطن ۾ اضافي ج?? لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، پا??ستان گڏيل قومن، او آءِ سي، ايس سي او ۽ اي سي او جهڙن علائقائي ۽ عالمي فورمن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ ج?? لاءِ پرعزم آهي. اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي قازقستان جي پرڏيهي وزير مختار تلبردي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قازقستان جي پا??ستان سان ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم سيپٽمبر 2021ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سربراهه اجلاس جي موقعي تي قازقستان جي صدر قاسم جومارٽ توڪايوف سان ملاقات جو ذڪر ڪندي پا??ستان جي ويزن سينٽرل ايشيا پاليسي کي ورجايو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ رابطن ۾ اضافي ج?? لاءِ تعاون کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ افغانستان سميت مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قازقستان جي پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان کي قازقستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ٻطرفي تعاون کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم گڏيل قومن، او آءِ سي، ايس سي او ۽ اي سي او جهڙن علائقائي ۽ عالمي فورمن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ ج?? لاءِ پا??ستان جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته هو هن سال جي ??خر ۾ قازقستان جي صدر جي پا??ستان جي دوري جو منتظر آهي.
پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ واپار ۽ گڏيل رابطن ۾ اضافي جي لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون