اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ر??جا پرويز اشرف چيو آهي ته ڪو به معاشرو عورتن کانسواءِ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، چونڊ قانونن جي حوالي سان عورت ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. اسپيڪر پارلياماني وومين ڪ??ڪس جي اجلاس ۾ خصوصي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته پارلياماني وومين ڪ??ڪس پوري پاڪستان ۾ عورتن جي ترجماني ڪري رهي آهي. پارلياماني وومين ڪ??ڪس بنا ڪنهن سياسي وابستگي جي سڄي ملڪ ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي جو خواب عورتن جي شموليت کانسواءِ تعبير نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستاني عورتن جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ شموليت ساراهه جوڳي آهي. عورت پارليامينٽ ميمبرن جي عورتن جي حقن جي لاءِ قانونسازي جي عمل ۾ شموليت فخر جوڳي آهي. عورتن جي حقن جي لاءِ دختر جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي. هن وقت پارليامينٽ ۾ اهم قانونسازي جو عمل جاري آهي. پارليامينٽ ۾ قانونسازي جي عمل ۾ عورتن جو فعال ڪردار لازمي آهي. چونڊ سڌارن جي قانونسازي جي لاءِ عورتن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. ڪ??ڪس جي سيڪريٽري شاهده رحماني ک?? مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اميد ڪريان ٿو ته شاهده رحماني جي سربراهي ۾ وومين ڪ??ڪس پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. بطور اسپيڪر پارلياماني وومين ڪ??ڪس جي لاءِ پنهنجو هر ممڪن تعاون جاري رکندس. ڪ??ڪس جي سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جا ڪ??ڪس اجلاس ۾ شرڪت تي ٿورا مڃيا. ڪ??ڪس جي سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڪ??ڪس جي هدفن ۽ مقصدن کان آگاهه ڪيو.
ڪو به معاشرو عورتن کانسواءِ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، چونڊ قانونن جي حوالي سان عورت ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي: اسپيڪر راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا