سرينگر – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جم??عت?? حريت ڪانفرنس ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ تي استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي مڪمل هڙتال، سول ڪرفيو ۽ وڏي پئماني تي احتجاجي مظاهرن جي ڪال کي ورجائيندي ڪشميري عوام کي آزادي جي تحريڪ جي ڪاميابي جي لاءِ خاص دعائون ??رڻ جي اپيل ڪئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جم??عت?? حريت ڪانفرنس جي نظربند وائيس چيئرمين غلام احمد گلزار سينٽرل جيل سرينگر مان پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ چيو ته 5 آگسٽ جديد ڪشمير جي تاريخ جو سڀ کان المناڪ، دردناڪ ۽ ڪارو ڏي??هن آهي ۽ ڪشميري ان کي سدائين استحصال ڏهاڙي، سوڳ ڏهاڙي ۽ ڪاري ڏي??هن طور ملهائيندا. هن چيو ته اهو 5 آگسٽ 2019ع جو ڏي??هن هو جڏهن انسانيت جي قاتل نريندر مودي جي قيادت ۾ آر ايس ايس جي حمايت يافته شيطاني حڪومت ڪشميرين جا سياسي، سماجي، مذهبي ۽ ٻيا سمورا بنيادي حق غضب ڪيا ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير کي هڪ وڏي کليل جيل ۾ تبديل ڪري چيو. هن 5 آگسٽ جي قدمن کي هندوتوا قوتن پاران ڪشمير جي منفرد سڃاڻپ، ثق??فت، آبادي ۽ بنيادي حقن تي حملو قرار ڏنو. حريت اڳواڻ افسوس جو اظ??ار ڪيو ته آر ايس ايس جي حمايت يافته مودي حڪومت پنهنجي شيطاني هندوتوا نظريي کي مڙهڻ جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير کي قبرستان ۽ بنجر زمين ۾ تبديل ??رڻ چاهي ٿي. هن چيو ته هندوتوا قوتن تڪراري علائقي ۾ انتظامي تبديليون آڻي آبادڪاري جي نئين آبادياتي منصوبي جي شروعاتڪ ئي آهي ج??هن جي شروعات نئين ڊوميسائيل قانون سان ڪئي وئي.
ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس پاران 5 آگسٽ تي استحصال ڏهاڙي تي مڪمل هڙتال، سول ڪرفيو ۽ وڏي پئماني تي احتجاجي مظاهرن جي سڏ جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados