نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ پاڪستان جي مستقل مشن ۾ نوجوان پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي ميزباني ڪئي. ڪئناڊا، جمهوريه چيڪ، هنگري، آئس لينڊ، ليٿوانيا، ليڪٽن اسٽائن، پاناما، قطر ۽ سربيا جي پرڏيهي وزيرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير انسانيت کي درپيش موجود ۽ مستقبل جي چئلينجن تي روشني وڌي. هن سڀني جي لاءِ سلامتي، امن ۽ هم آهنگي جي ضمانت رکندڙ مستقبل جي عالمي نظام جي جوڙجڪ جي لاءِ ڇهه نقاطي ايجنڊا جو خاڪو پيش ڪيو. اهو موسمياتي تبديلي، فني ۽ سائنسي ترقين، ماحول دوست نوڪرين، جديد سپلائي چينز، بحرانن ۽ هنگامي حالتن کان متاثر عالمي معيشت، پرامن گڏيل بقاءَ ۽ تڪرارن جو حل، مستقبل ۾ ممڪن وبائي مرضن ۽ مضبوط گهڻ رخي تعاون جي ضرورت جهڙن چئلينجن جو احاطو ڪندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي نوجوانن بابت خصوصي ايلچي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ نوجوانن جي پنهن??ي مستقبل جي جوڙجڪ جي عمل ۾ ڀرپور شرڪت بابت سيڪريٽري جنرل جي خيالن کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزيرن ??تف?? ۽ پرزور طريقي سان پرڏيهي وزير جي قدم جي آجيان ڪئي ۽ انهن مسئلن جو خاڪو پيش ڪيو جن کي هو دنيا جي قومن جي مستقبل جي لاءِ اهم سمجهي ٿو. هن موجوده چئلينجز بشمول سياسي، سيڪيورٽي، اقصادي، انساني حقن ۽ ماحوليات ۽ گڏيل اعتماد ۾ کوٽ، انساني رابطن، نوجوانن کي درپيش مسئلن ۽ عالمي تعاون ۾ کوٽ جو ذڪر ڪيو. شرڪت ڪندڙن ۾ عام اتفاق هو ته هي نئون پليٽ فارم هڪ شاندار قدم آهي جنهن جي آجيان ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير آخر ۾ ميٽنگ دوران ظاهر ڪي?? قيمتي خيالن کي نوٽ ڪيو جيڪي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران تجويز ڪيل ”مستقبل جي معاهدي“ جي جوڙجڪ ?? غور فڪر جي لاءِ معلومات فراهم ڪندا. بحث جو خلاصو سمورن شريڪ وزيرن کي موڪليو ويندو ۽ بعد ۾ گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن ۽ ٻين ڌرين سان شيئر ڪيو ويندو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران نيويارڪ ۾ پاڪستان جي مستقل مشن ۾ نوجوان پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي ميزباني
مضمون کا ماخذ : رومن دولت