اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان امدادي اڏامن جي آمد جاري آهي، هيستائين 123 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي سا??ان کڻي پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هيستائين گڏيل عرب امارات مان 41، ترڪيه مان 13، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، ??طر مان 4، فرانس مان هڪ، ??ونيسيف جون 3، گڏيل قومن جي پن??هگ??رن واري اداري (يو ا??ن ايڇ سي آر) جي گڏيل عرب امارات مان هلائڻ واريون 13 اڏامون، ترڪمانستان مان هڪ، اردن جي هڪ، خوراڪ جي عالمي اداري جون 3، آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، ??يپال جي هڪ، عمان جون 8، روس جي هڪ، ??ونان جي هڪ ۽ سعودي عرب جون 5 اڏامون امدادي سا??ان کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ان کانسواءِ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان ٻين رستين ذريعي به امدادي سا??ان پهتو آهي. ايران جي حلال احمر پاڪستان کي ٽرڪن ذريعي 100 ٽن امدادي سا??ان موڪليو آهي، جڏهن ته ان کانسواءِ ترڪيه 3 ريل گاڏين جي ذريعي امدادي سا??ان پاڪستان موڪليو آهي. ان کانسواءِ ترڪيه جي حلال احمر 2 ٽرڪن ذريعي امدادي سا??ان موڪليو آهي. تاجڪستان 87 ٽرڪن ذريعي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سا??ان موڪليو آهي. عمان مان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هڪ سا??ونڊي جهاز به امدادي سا??ان کڻي پاڪستان پهتو آهي.
ٻاهرئين ملڪن مان امدادي اڏامن جي آمد جاري، هيستائين 123 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي پهچي چُڪيُون
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل