ڪراچي – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اردو يونيورسٽي، هايئر ايجوڪيشن ڪم??شن (ايڇ اي سي) ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت تي زور ڏنو آهي ته آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي (ايف يو يو اي ايس ٽي) ڪراچي جي مستقل وائيس چانسلر جي مقرري جي عمل کي ??يز ڪيو وڃي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪ??اچي ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي سينيٽ ميمبرن، وفاقي تعليم واري وزارت جي نمائندي ۽ ايڇ اي سي جي چيئرمين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ تي زور ڏنو ته اها ترقين، پگهارن جي عدم ادائيگي، وائيس چانسلر جي مقرري ۽ يونيورسٽي جي ايندڙ سينيٽ جي لاءِ نامزدگي ڪم??ٽي جي جوڙجڪ بابت معاملن تي سينيٽ جي هر ميمبر ۽ لاڳاپيل ڌرين جي راءِ ۽ تجويزن کي نظر ۾ رکندي اتفاق راءِ تي ٻڌل فيصلا ڪري. اجلاس ۾ ڊاڪٽر محمد ضياءَ الدين کي يونيورسٽي جو وقتي وائيس چانسلر پڻ مقرر ڪيو ويو جيڪو مستقل وائيس چانسلر جي مقرري تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهندو. وقتي وائيس چانسلر پاليسي سان لاڳاپيل معاملن کي قانوني ڇنڊڇاڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪم??شن ڏانهن موڪليندو. اجلاس ۾ ايڇ اي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد کي يونيورسٽي جي مستقل وائيس چانسلر جي مقرري جي لاءِ جوڙيل سرچ ڪم??ٽي جو چيئرپرسن مقرر ڪيو ويو. ڪم??ٽي کي مشورو ڏنو ويو ته اها مستقل وائيس چانسلر جي مقرري جي سفارش ڪرڻ جي لاءِ ٽائيم لائين جي بنياد تي اڳي وڌي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته چئن مهينن کانپوءِ فيصلن جو جائزو ورتو ويندو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں