شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف 7 ۽ 8 نومبر 2022ع تي مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ڪلائميٽ ايمپلي مينٽيشن سمٽ ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران وز??راعظم ڪيترين ئي اعليٰ سطح جي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي. مختلف ليڊرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون جڏهن ته پنهنجي هم منصبن سان ۽ عالمي ميڊيا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وز??راعظم سان گڏ وفد ۾ پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وز??ر حنا رباني کر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب، موسمياتي تبديلي و??ري وز??ر شيري رحمان، وز??راعظم جا خاص معاونين سيد فهد حسين ۽ سيد طارق فاطمي پڻ شامل هئا. ماحولياتي تبديلين بابت سربراهه اجلاس ۾ وز??راعظم ناروي جي وز??راعظم سان گڏ اعليٰ سطح جي گول ميز ڪانفرنس جي گڏيل صدارت ڪئي. وز??راعظم سعودي عرب جي ولي عهد ۽ پنهنجي ميزباني ۾ منعقد مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو ۾ پڻ شرڪت ڪئي. هو ماحوليات بابت ”نقصانن ۽ زيان تي قدم ۽ تعاون کي وڌائڻ ۽ ماحولياتي خطرن جي حوالي سان عالمي ڍال“ جي موضوع تي هڪ اعليٰ سطح جي بريڪ فاسٽ تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيو جنهن جي جرمني جي چانسلر ۽ گهانا جي صدر گڏيل ميزباني ڪئي. وز??راعظم سمٽ ۾ قومي بيان پڻ ڏنو. وز??راعظم پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جيڪو ماحولياتي تبديلي جي منفي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي ۽ خاص طور تي تازي موسمياتي ٻوڏ تي ڌيان ڇڪرائيندي قومي موقف مضبوطي سان پيش ڪيو ۽ عالمي اڳواڻن کي ماحوليات جي حوالي سان پاڪستان جي پائيدار انداز ۾ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ تعاون جي دعوت ڏني. ماحولياتي ڪنوينشن جي جوڙيل اصولن جي رهنمائي ۾ فوري طور تي ماحولياتي قدمن جي لاءِ عالمي تعاون تي زور ڏيندي وز??راعظم چيو ته ماحولياتي ڪانفرنس جا ٺوس نتيجا نڪرڻ گهرجن ۽ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جرئتمنداڻا فيصلا ڪيا وڃن. ڪانفرنس جي حوالي سان پاڪستان جي ترجيحن تي روشني و??هندي وز??راعظم اسرندڙ ملڪن ۾ موافقت رکندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ تيز رفتار ۽ متوقع مالي و??يلن جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن موسميات سان پيدا ٿيندڙ نقصانن ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فنانسنگ جي سهولت تي زور ڏنو ۽ ڪوپ ايجنڊا تحت نقصانن ۽ زيان جي روڪٿام جي لاءِ فنڊنگ جي انتظامن تي باضابطا طور تي معاهدي جي آجيان ڪئي جيڪو هڪ اهم مقصد آهي جنهن تي پاڪستان گروپ 77 جي چيئرمين طور عمل ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي وز??راعظم عالمي اڳواڻن سان رسمي ?? غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي جن ۾ سعودي عرب ولي عهد ۽ وز??راعظم، جرمن چانسلر، مصري صدر ۽ ناروي جا وز??راعظم شامل هئا. انهن ملاقاتن دوران ٻطرفي ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. وز??راعظم ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ ڪوپ – 27 ۾ پاڪستان جي ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان کنيل قدمن کان آگاهي جي لاءِ پاڪستان پويلين ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ڪوپ – 27 جي باقاعده سرگرمي 18 نومبر 2022ع تائين جاري رهندي. گروپ 77 جي صدارت ڪندڙ جي حيثيت سان پاڪستان موسمياتي تبديلي بشمول ماحولياتي فنانس، موافقت، خاتمي ۽ صلاحيت جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ۾ اسرندڙ ملڪن جي قيادت ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جو مصر جو دورو: شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ڪلائميٽ ايمپلي مينٽيشن سمٽ ۽ اعليٰ سطح جي تقريبن ۾ شرڪت، مختلف عالمي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ