اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ ۾ پاڪستان کي شامل ڪرڻ، سوڊان ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي ڪڍڻ ۾ تعاون ۽ گذريل سال شديد ٻوڏ دوران امداد تي سعودي عرب سان ٿورا مڃيا آهن ۽ چيو آهي ته سعودي عرب ۽ ايران جا لاڳاپا معمول تي آڻڻ سان علائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيز ال??ائود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس م??اقات ڪئي. وزير??عظ?? آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? گذريل سال جي شديد ٻوڏ دوران امداد تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. وزير??عظ?? سوڊان ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي ڪڍڻ ج?? لاءِ تعاون فراهم ڪرڻ تي سعودي عرب جي حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا. وزير??عظ?? ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ ۾ پاڪستان کي شامل ڪرڻ تي سعودي عرب جي حڪومت کي ساراهيو، ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ذريعي حج تي وڃڻ جي خواهشمند پاڪستاني حاجين کي سهولتون فراهم ڪندو. سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ ج?? لاءِ تازي معاهدي جو حوالو ڏيندي وزير??عظ?? اميد ظاهر ڪئي ته ان سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. سعودي نائب گهرو وزير سندس ۽ سندس وفد جي مهمان نوازي تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا تاريخي آهن. هن پاڪستان جي گهرو، مذهبي معاملن ۽ منشيات جي خاتمي وارن وزيرن سان ڪارائتين ملاقاتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن وزير??عظ?? کي ٻڌايو ته روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ کي ايندڙ سال کان لاهور ۽ پشاور تائين پڻ وڌايو ويندو ته جيئن وڌ کان وڌ حاجين کي سهولتون فراهم ڪري سگهجن.
روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ ۾ پاڪستان کي شامل ڪرڻ، سوڊان ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي ڪڍڻ ۾ تعاون ۽ گذريل سال شديد ٻوڏ دوران امداد تي سعودي عرب جا ٿورائتا مڃيا آهيُون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná