اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ڇهون دور انقره ۾ جاري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پ??ڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان پاڪستان جڏهن ته ترڪيءَ جي وفد جي قيادت نائب پ??ڏيهي وزير بورڪ اڪاپر ڪري رهيو آهي. ڌريون ڳالهه ٻولهه ۾ سياسي، اقتصادي، س??ڪيورٽي، س??اجي ۽ ثقافتي جدتن تي ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺنديون. ان دوران اعليٰ ترين اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل ۽ اسٽريٽجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ ايڇ ايل ايس سي سي س??يت مختلف اداراجات?? مڪينزم جو جائزو ورتو ويندو. خطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ گهڻ رخي فورمز تي تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. بيان موجب اها مشاورت اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ايڇ ايل ايس سي سي جي ايندڙ دور جو مرحلو طئي ڪندي. پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا مذهب، ثقافت ۽ تاريخ جي مضبوط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن.
پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ڇهون دور انقره ۾ جاري: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II