رياض – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي ۽ يونيسڪو سڄي دنيا ۾ عالمي ورثو رکندڙ جاين کي ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ ڪرڻ جي پروگرام جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. سعودي گادي واري شهر رياض ۾ گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي اداري يونيسڪو جي عالمي ورثه ڪميٽي جي 45 هين سيشن جي موقعي تي سعودي عرب ۽ يونيسڪو جي اهتمام هيٺ ”ڊائيو انٽو هيريٽيج“ پروگرام جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي وئ??. ا?? آءِ سي جي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ان پروگرام سان يونيسڪو جي عالمي ورثو رکندڙ جاين ۽ انهن جي لاڳاپيل ورثي جي ڳولا ۽ انهن کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال جي راهه هموار ٿيند??. ا?? سلسلي ۾ 10 سيپٽمبر تي شروع ٿيندڙ تقريبون 25 سيپٽمبر تائين جاري رهنديون. ان پروگرام تي عملدرآمد کي سعودي عرب جي ثقافت واري وزارت جي معاونت سان ممڪن بڻايو ويندو. پروگرام تحت عالمي ورثي جي ڊيجيٽل تجربي جي لاءِ منفرد طريقا تخليق ڪرڻ جي لاءِ هڪ آن لائين پليٽ فارم ٺاهيو ويندو. پروگرام تحت ٿري ڊي ماڊلز، ورچوئل ريئلٽي، آگمنٽڊ ريئلٽي، انٽر ايڪٽو ميپس ۽ جيو لوڪيٽيڊ نيريٽوز جهڙين ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز کي عالمي ورثي جي حقيقي بصري تجربي جي لاءِ استعمال ۾ آندو ويندو. واضح رهي ته يونيسڪو ۾ ڪنگڊم آف سعودي عربيه فنڊز ان ٽرسٽ فار ڪلچر جو قيام 2019ع ۾ عمل ۾ آندو ويو هو. سعودي عرب پاران ان فنڊ جي لاءِ بعد ۾ 25 ملين ڊالر جي وڏي رقم رکي وئي. پروگرام جي ٻه سالا (2022ع کان 2024ع) پهرين مرحلي ۾ ڊائيو انٽو هيريٽيج ?? هڪ اهڙو پليٽ فارم جوڙيو ويندو جيڪو عرب خطي ۾ تاريخي ورثو رکندڙ جاين جي ڳولا ۽ مشاهدي ۾ ماڻهن جي مدد ڪندو. پروگرام جي ان پهرين مرحلي کي 2024ع ۾ متعارف ڪرايو ويندو. اهڙي طرح دنيا جي ٻين خطن جي رهندڙن کي عرب خطي ۾ عالمي ثقافتي ??رثو رکندڙ جاين کان روشناس ٿيڻ جو موقعو ملندو. يونيسڪو جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جنرل فارڪلچر انسٽو اوٽون ان موقعي تي ??نهنجي خطاب ۾ چيو ته ان پروگرام جي ذريعي اسان عالمي ورثي جي ڳولا ۽ تحفظ جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. هن چيو ته مصنوعي ذهانت جي جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال ماڻهن جي لاءِ عالمي ورثي جي مشاهدي جي تجربي کي وڌيڪ ڀرپور بڻائي ڇڏيندو. ان سان عالمي ورثو رکندڙ جاين جو وڌيڪ ڀرپور انداز ۾ اندازو ڪري سگهبو جيڪو ايندڙ نسلن کي عالمي ورثي بابت نئين بيانيي ۽ نئين حقيقتن کان ان انداز سان روشناس ڪريندو ته اهي لاڳاپيل ورثي جو قديم وقتن جو حقيقت سان ويجهو تجربو ڪري سگهندا. ان موقعي تي ??ڪ پينل ڊسڪشن ۾ عالمي ورثي جي ڳولا ۽ اندازي جي لاءِ جديد ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??. ا?? موقعي تي سعودي اداري سائٽ مئنيجمينٽ هسٽارڪ جده جي سهيل ميرا، اومان جي جرمن يونيورسٽي ۾ يونيسڪو جي ذيلي اداري ورلڊ هيريٽيج جي مئنيجمينٽ اينڊ سسٽين ايبل ٽوئرازم جي سربراهه ڊاڪٽر حبا عزيز، آءِ سي او ايم او ايس سي آئي پي اي جي ڊاڪٽر اونا ويليڪس، يو اين آئ?? ٽي اي آر/ يو اين او ايس ا?? ٽي جي اوليور وان ڊيم ۽ عرب ريجنل سينٽر فار ورلڊ هيريٽيج جي وقتي سربراهه شيخ ابراهيم الخليفه پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ??روگرام جي شروعاتي ڪم طور عالمي ورثو رکندڙ جاين جي ٿري ڊي ماڊلز جي وڊيو ايني ميشن ۽ ان جا نمونا پڻ ڏيکاريا ويا. واضح رهي ته سعودي عرب جي ڪلچرل ڊيولپمينٽ فنڊ جو قيام 6 جنوري 2021ع تي ??ڪ شاهي فرمان جي ذريعي عمل ۾ آندو ويو هو. ان فنڊ تحت ثقافتي ??نصوبن ۽ سرگرمين جي معاونت سان گڏوگڏ ثقافتي سيڙپڪاري کي پڻ فروغ ڏنو وڃي ٿو. فنڊ سعودي مملڪت جي ويزن 2023ع جي هدف حاصل ڪرڻ ۾ پڻ موثر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
سعودي ۽ يونيسڪو پاران سڄي دنيا ۾ عالمي ورثو رکندڙ جاين کي ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ ڪرڻ جي پروگرام جي شروعات
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2