اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اوگرا واحد ادارو آهي جيڪو پيٽروليم م??نوعات جي قيمتن بابت اعلان ڪري ٿو، هو پيٽروليم م??نوعات جي قيمتن بابت قياس آرائين جو حصو نه آهي، اخبار ۽ صحافي خليق ڪياني کي ان حوالي سان ڪو نتيجو اخذ ڪرڻ کان اڳ مون کان پڇيل سوال ۽ ان جو جواب ٻڌڻ گهرجي. صحافي خليق ڪياني جي هڪ خبر جو حوالو ڏيندي مرتضيٰ سولنگي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هو آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي کي ساراهي ٿو ته هن هر هڪ کي پيٽروليم م??نوعات جي قيمتن بابت قياس آرائين کان پاسو ڪرڻ جو چيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته هو انهن قياس آرائين جو حصو نه آهي، هڪ پريس ڪانفرنس دوران کانئس پڇيو ويو ته پيٽروليم م??نوعات جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي؟ جنهن تي مون واضح طور تي چيو ته پيٽروليم م??نوعات جي قيمتن جو بنيادي طور تي تعين عالمي مارڪيٽ جي قيمت?? ۽ ??الر جي مٽاسٽا جي شرح سان ٿئي ٿو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير واضح ڪيو ته اهو ٻڌائڻ کانسواءِ ته امڪان ويجهو آهي يا نه، مون انهي ڏينهن هڪ شايع ٿيندڙ رپورٽ جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان اڳڪٿي ڪئي وئي هئي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اهو اوگرا جو اختيار آهي ۽ اوگرا ئي واحد ادارو آهي جيڪو پيٽروليم م??نوعات جي قيمتن بابت اعلان ڪري ٿو. نگران وفاقي وزير چيو ته هن ان ڳا??هه جو ڪو اشارو ناهي ڏنو جيئن ته هڪ قومي انگريزي اخبار ۾ رپورٽ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اخبار ۽ صحافي خليق ڪياني ٻنهي کي ان حوالي سان ڪو نتيجو اخذ ڪرڻ کان اڳ مون کان پڇيل سوال ۽ ان جو مڪمل جواب ٻڌڻ گهرجي، اهو ان جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.
اوگرا واحد ادارو آهي جيڪو پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن بابت اعلان ڪري ٿو: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک