اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نومبر ۽ آڪٽوبر ۾ مختلف وا??عن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. هن شهيدن کي ملڪ تي جان نڇاور ڪرڻ تي قوم پاران خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ٽيليفونڪ رابطي ۾ صدر شهي??ن جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته قوم جي خاطر پنهنجي پيارن جي قرباني ڏيڻ تي قوم شهي??ن جي خاندانن جي ٿورائتي رهندي. صدر 6 نومبر تي سندا پل، خيبرپختونخواهه ۾ حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر جي پونئيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر عارف علوي نائيڪ خوشدل خان، لانس نائيڪ عب??ال??دير خان ۽ رفيق خان جي گهرڀاتين سان پڻ رابطو ڪيو. صدر 29 آڪٽوبر تي ضلعي آواران، بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ ??ائ?? صوبيدار آصف عمران ۽ سپاهي عرفان علي کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 18 آڪٽوبر تي ڏکڻ وزيرستان جي علائقي آسمان منزه ۾ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي فرمان علي جي وارثن کي پڻ ٽيليفون ڪيو. هن شهي??ن جي پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار، شهي??ن جي درجن جي بلندي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران نومبر ۽ آڪٽوبر ۾ مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena