اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ايندڙ حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي ۽ عو??م ۽ ملڪ کي درپيش مسئلا ۽ چئلينج حل ڪند??. ا??لام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نثار احمد کهڙو چيو ته 2008ع کانپوءِ ايندڙ سمورين حڪومتن پنهنجو مدو پورو ڪيو آهي ۽ ايندڙ حڪومت به پنهنجو مدو ڪاميابي سان پورو ڪندي. هن سمورين سياسي پارٽين تي زور ڏنو ته اهي ملڪي ترقي ۽ عو??م جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو مثبت ڪر??ار ادا ڪن، عو??م انهن کي قومي اسيمبلي ۾ چونڊي موڪليو آهي ته جيئن انهن جا مسئلا حل ٿين. چونڊ ۾ ڌانڌلين ۾ الزامن جي حوالي سان هن چيو ته جيڪو به الزام هڻي رهيو آهي اهو لاڳاپيل فو??م تي ان معاملي کي اٿاري، باقي ثبوتن کانسواءِ الزامن جي ڪا به حيثيت نه آهي. هن چيو ته سڀني چونڊن ۾ مينڊيٽ چوري ۽ ڌانڌلين جا الزام لڳندا رهندا آهن.
ڌانڌلين جا الزام نئين ڳالهه نه آهي، هر چونڊ ۾ اهي الزام لڳندا آهن، معاملي کي لاڳاپيل فورم تي اٿاريو وڃي: سينيٽر نثار احمد کهڙو
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ