لاهور -23 اپريل (اي پي پي) ايران جي صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي، ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ تاريخي، تهذيبي، مذهبي ۽ ثقافتي رسمن تي ٻڌل گهرا ناتا آهن ۽ ٻئي ملڪ علم ۽ هنر جي جديد مرڪزن ۽ فن جي علم کي هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهن. گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي لاهور جي فيڪلٽي ۽ شاگردن کي خطاب ڪندي ايران جي صدر چيو ته قومن جو برادري ۾ نمايان مقام حاصل ڪرڻ لاءِ علم ۽ هنر، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي خاص ڌيان ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جون يونيورسٽيون علم ۽ تحقيق جا مرڪز آهن ۽ تعليم جي شعبي ۾ مربوط حڪمت عملي سان بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر علامه اقبال جي ڪلام کي ايران ۾ خاص پذيرائي حاصل آهي. ايران جي صدر ابراهيمي رئيسي چيو ته فلسطين جي حوالي سان پاڪستان ۽ ايران جو مو??ف هڪ آهي. ايران جي صدر چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ توانائي سوڌو ??ين شعبن ۾ سهڪار کي مستقبل ۾ وڌيڪ وڌايو ويند??. ه?? پاڪستان ۾ پنهنجي دوري دوران مهمان نو??زي ۽ خدمت کي پڻ ساراهيو.
قومن کي برادري ۾ نمايان حيثيت حاصل ڪرڻ لاءِ تعليم ۽ هنر، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي خاص ڌيان ڏيڻ وقت جي اهميت ضرورت آهي: ايران جو صدر ابراهيم رئيسي
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات