ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ??فا??ي وزير پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم مزار تي گلن چادر چاڙهي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثر لکيا. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو ڪراچي جو هي پهريون دورو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ نوجوانن سان مزار قائد تي پاڪستان جي خدمت ڪرڻ ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو حلف ورتو. نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين وچن ڪيو ته پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائد جو پاڪستان ٺاهينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ ۾ نوجوانن جو اهم ڪردار رهيو. نوجوانن تحريڪ پاڪستان ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم محم?? شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو ته سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ?? سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس استقبال ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا