اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) ڪامن ويلٿ جي سيڪريٽري جنرل پ??ٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پنهنجي پهرين سرڪاري دوري تي پا??ست??ن پهچي وئي. پا??ست??ن طرفان يورپ ??اءِ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري شفقت علي خان هوائي اڏي تي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. پرڏي??ي آفيس مان جاري هڪ بيان مطابق سيڪريٽري جنرل پ??ٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پنهنجي پنجن ڏينهن واري دوري دوران پا??ست??ني قيادت، ڪابينه ميمبرن، نوجوانن جي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي نمائندن، اسٽيڪ هولڊرز ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪندي. سيڪريٽري جنرل 2022ع ج?? تبا??ي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ موسمي تبديلين جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پا??ست??ن سان پنهنجي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي. سندس دوري دوران ٻئي ڌريون پا??ست??ن ۽ ڪامن ويلٿ وچ ۾ گڏيل مفاد جي ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪنديون جن ۾ پا??ست??ن جا ترقياتي منصوبه، نوجوانن کي با اختيار بنائڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ شامل آهن.
ڪامن ويلٿ جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پاڪستان پهچي وئي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز