اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ ال??ه تارڙ چيو آهي ت?? مهانگائي جي شرح هڪ انگ تائين پهچي وئي آهي، مل??ي روانگي واپار ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ناڻي واڌ ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، اختر مينگل جي اسيمبلي ميمبرشپ تان استعيفيٰ جي م??املي ت?? خصوصي پارلياماني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪميٽي اختر مينگل سان ملاقات ڪري م??املي کي ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن اسد نيازي، جنيد اڪبر، شير افضل ۽ ٻين جي اعتراض واري نقطي ت?? جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته علي امين خان سان طئي ٿيو هو ته جتي ت??هان جا خدشا هوندا ويهي انهن کي حل ڪنداسين، خيبرپختونخواهه صوبي ت?? تمام گهڻو مان آهي، جيترا پڙهيل لکيل ماڻهو خيبرپختونخواهه صوبي م??ن اچي رهيا آهن اهي ڪنهن ٻئي صوبي م??ن نه اچي رهيا آهن، فيڊرز کي بند ڪرڻ کان اڳ بهتر آهي ت?? اسان سان ڳالهه ڪري وٺو. هن چيو ته لائين لاسز ۽ بجلي چوري جي روڪٿام جي لاءِ قدم کڻون ته لوڊشيڊنگ زيرو ٿي ويندي. بلوچستان جي اڳواڻ اختر مينگل جي حوالي سان هن چيو ته اختر مينگل جي م??املو افهام تفهيم سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اختر مينگل جي گذريل ڏينهن اسيمبلي ميمبرشپ تان استعيفيٰ جي م??املي ت?? خصوصي پارلياماني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، اها ڪميٽي اختر مينگل سان ملاقات ڪري م??املي کي ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. هن چيو ته اختر مينگل ۽ سندس والد جي بلوچستان ۽ پاڪستان جي لاءِ تمام گهڻيون خدمتون آهن جن کي اسان سڀ تسليم ڪريون ٿا. وفاقي وزير چيو ته مهانگائي جي شرح هڪ انگ تي پهچي وئي آهي، مل??ي روانگي واپار ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ناڻي واڌ ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، واپاري خساري ۾ نم??يان گهٽتائي اچي رهي آهي، ايف بي آر ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون ته جيئن ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو ٿئي. هن چيو ته موجوده حڪومت مل??ي م??يشت کي م??ڪلاتن مان ڪڍي رهي آهي، مل??ي م??يشت کي ڊيفالٽ ٿيڻ تان واپس ٽريڪ تي آندو آهي. هن چيو ته اسان جا واپاري انگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن، ايف بي آر جا هدف به حاصل ٿيندا.
مهانگائي جي شرح هڪ انگ تائين پهچي وئي آهي، اختر مينگل جي اسيمبلي ميمبرشپ تان استعيفيٰ جي معاملي تي خصوصي پارلياماني ڪميٽي جوڙي وئي آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن