اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ترڪيه سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي عوام گهري ڀائراڻي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ??ه جي قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم قومي ڏينهن جي موقعي تي ترڪ??ه جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪ??ه جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه هر مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان ترڪيه سان گڏ بيٺل آهي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي عوام مضبوط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. هن چيو ته 1923ع ۾ ڪمال اتاترڪ جديد ترڪ??ه جو بنياد رکيو، ترڪيه تباهي آڻيندڙ زلزلن ۽ ٻوڏن کانپوءِ پاڪستان جي امداد ڪئي جنهن سان پاڪستان ۽ ترڪ??ه جي وچ ۾ گهري رشتي جي عڪاسي ٿئي ٿي. نائب وزيراعظم چيو ته ترڪيه ڪورونا جي وبا دوران ۽ عالمي فورمز تي پاڪستان جي سدائين حمايت ڪئي. هن چيو ته ترڪيه پاڪستان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئو??سل جي غيرمستقل ميمبرشپ جي لاءِ پڻ ڀرپور تائيد ۽ حمايت ڪئي، پاڪستان سلامتي ڪ??ئو??سل جي غيرمستقل ميمبرشپ 2 سالن جي مدي لاءِ پهرين جنوري 2025ع کان سنڀالي رهيو آهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ دوستاڻن لاڳاپن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستان ترڪيه کي دهشتگردي جي تدارڪ سميت سمورن اهم مسئلن تي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته ترڪيه ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق جي دنيا جي بي شمار فورمز تي سدائين حمايت ڪئي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار فلسطينين سان غزه ۽ بيروت ۾ اسرائيل جي جاري وحشياڻي ظلمن تي دنيا جي ٻٽي معيار تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته عالمي برادري غزه ۾ جاري ظلمن کي روڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني ڀائرن جي لاءِ دنيا جي هر فورم تي آواز اٿاريندو رهندو. هن والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيل پاران جاري نسل ڪشيءَ بند ڪرائڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه کي فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جي حمايت ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل آزاد فلسطين جي قيام جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ترڪ??ه جي قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب ۾ غيرملڪي سفارتڪارن، پاڪستان ۾ رهندڙ ترڪ??ه جي شهرين، معززين ۽ سول ۽ فوجي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ تقريب جي شروعات پاڪستان ۽ ترڪ??ه جي قومي ترانن جي ڌُنن سان ٿي.
پاڪستان ترڪيه سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی