اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام وچ ۾ ويڇي کي ختم ڪرڻ، شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ اعتماد کي هٿي ڏيڻ ۾ انفارميشن گروپ جي آف??سرن جو ڪردار اهم آهي. وزيراعظم آف??س جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان انفارميشن گروپ جي 51 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي پروبيشنري آف??سرن وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. پروبيشنري آف??سر پنهنجي ٽريننگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وزارت جي مختلف ادارن ۾ مقرري جا منتظر آهن. سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا الله تارڙ ۽ سڌ سماءَ واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان به ملاقات ۾ موجود هئي. وزيراعظم، سمورن آف??سرن جو والهاڻو اسقبال ڪيو. ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ عوام وچ ۾ ويڇي کي ختم ڪرڻ، شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ اعتماد کي هٿي ڏيڻ ۾ انفارميشن گروپ جي آف??سرن جو ڪردار اهم آهي، وزيراعظم حاضر دور جي تيزي سان تبديل ٿيندڙ ميڊيا جي منظرنامي ۾ اثرائتي ڄاڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن آف??سرن جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سمورا آف??سر پنهنجي ذميوارين کي ديانتداري، پيشيوراڻي مهارت ۽ عوامي ڀلائي لاءِ مضبوط عزم سان ادا ڪندا. آف??سرن ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي ۽ بهتري ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پروبيشنري آف??سرن سان ڳالهين دوران وزيراعظم قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ ۽ شهرين کي اهم حڪومتي قدمن جي باري ۾ تعليم ڏيڻ ۾ اسٽيٽ ميڊيا ۽ انفارميشن گروپ جي اهميت تي زور ڀريو. هن پروبيشنري آف??سرن جي حوصلا افزائي ڪئي ته هو جمهوري عمل ۾ عوام جي شموليت کي وڌائڻ لاءِ جديد مواصلاتي اوزارن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ سرگرم رهن.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان انفارميشن گروپ جي 51 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي پروبيشنري آفيسرن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری