هوانا-27 ڊسمبر (اي پي پي) ڪيوبا جي صدر ميگوئل ڊياز ڪينل اسرائيل کي دهشتگرد رياست قرار ڏيندي چيو آهي ته اسرائيل طرفان غزه ۾ فلسطينين جي نسل ڪش?? پوري انسانيت جي تذليل آهي. الجزيره موجب سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ هن چيو ته اسرائيلي ف??ج غزه ۾ فلسطينين جي نسل ڪش?? ڪري رهي آهي. هن ان تي اسرائيل کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي سوال ڪيو ته اسرائيل ڪيستائين پنهنجي ڏوهن کان ڇوٽ حاصل ڪندو، هن وڌيڪ سوال ڪيو ته اسرائيل کي فسلطينين جو قتل عام ڪرڻ جي آزادي ڪيستائين حاصل رهندي؟ هن چيو ته سندن ملڪ ان معاملي ۾ لاتعلقي جي پاليسي تي عمل پيرا نه ٿيندو ۽ هر ڀيري ف??سطينين لاءِ آواز اٿاريندو رهندو.
مضمون کا ماخذ : ریل رش