جڪارته_17 جنوري(اي پي پي) انڊونشيا جي پرڏيهي وزير ريتنو مارسودي چيو آهي ته سندس ملڪ فلسطين تي اس??ائيل جي قبضي کي چيلينج ڪرڻ لاءِ انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) ۾ ٻڌڻي لاءِ قانوني دليل?? جي تياري ڪري رهيو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب انصاف جي عالمي عدالت 19 فيبروري تي نيڌرلينڊ جي شهر دي هيگ ۾ عوامي ٻڌڻي ڪندي، جتي ڌريون فلسطيني علائقن تي اس??ائيل جي قبضي جي قانوني نتيجن تي پنهنجا دليل پيش ڪنديون، آءِ سي جي آخر ڪار گڏيل قوم?? جي جنرل اسي??بل?? لاءِ هڪ نان بائنڊنگ ايڊوائزري جاري ڪندي، جنرل اسي??بل?? ڊسمب?? 2022 ع ۾ ان حوالي سان هڪ ٺهراءُ پڻ منظُور ڪيو هو، واضع رهي ته غزه تي اس??ائيل?? حملن ۾ 24 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، پرڏيهي وزير انڊونشيا ۾ عالمي قانوني ماهرن سان ڳالهين کان اڳ چيو هو ته انڊونشيا آ سي جي کي ايڊوائزري جي درخواست ڪرڻ ۾ جنرل اسميبلي جي ڪوششن ج?? حمايت ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته عالمي قانون کي برقرار رهڻ گهرجي. هن چيو ته اس??ائيل جي فلسطين خلاف عالمي قانو?? جي کليل خلاف ورزي کي دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ هڪ جامع قانوني راءِ قائم ڪرڻ ضروري آهي،هن چيو ته اس??ائيل پاران فلسطيني علائقن ۽ بيت المقدس جي حيثيت کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو غير قانوني آهي، انڊونشيا جي سمورين ڪوششن جو بنيادي مقصد فلسطيني جدوجهد ج?? حمايت جاري رکڻ لاءِ سمورن ممڪنه طريقن کي ڳولهڻ آهي.
انصاف جي عالمي عدالت ۾ فلسطين تي اسرائيل جي قبضي کي چيلينج ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آهيون: انڊونشيا جو پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار