واشنگٽن-01 جن??ري (اي پي پي)آمريڪا هلندڙ سال چونڊن کان اڳ غلط معلومات ذريعي آمريڪي ووٽرز کي نشانو بنائڻ جي الزام تي ايران ۽ روس جي ٻن ادارن تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ناڻي واري کاتي جي عملدارن پابندين جو اعلان ڪندي الزام لاڳو ڪي?? ته ٻنهي ادارن نومبر کان چونڊن کان اڳ آمريڪي ووٽرن ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، آمريڪي ڳجهن ادارن ٻنهي حڪومتن تي اهو الزام لڳاي?? ته هو جعلي ڊويزن، خبرن ۽ سوشل ميڊيا تي پوسٽن ذريعي غلط معلومات پکيڙي رهيون آهن، اهي ووٽرن تي اثر انداز ٿيڻ ۽ آمريڪي چونڊن ۾ اعتماد کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڊزائين ڪيون ويون هيون. عملدارن چي?? ته روس ۾ موجوده روس جو ادارو سينٽر فار جيو پولي??يڪ?? ايڪسپرٽيز آمريڪي اميدوارن جي باري ۾ غلط معلومات پکيڙي ۽ مالي مدد ڪ??ي، ان ۾ مصنوعي ذهانت جو استعمال ڪندي ٺاهيل ڊيپ فيڪ وڊيوز به شامل هيون. روس ۽ ايران جي اختيارين انهن دعوائن کي رد ڪ??ي ڇڏي?? ته هنن 2024ع جي چونڊن جي نتيجن تي اثر اندز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.
آمريڪا پاران چونڊن ۾ غلط معلومات پکيڙڻ جي الزام سبب ايران ۽ روس جي ادارن تي پابنديون لاڳو
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena