نڙهه – ڪهوٽا – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ن??از شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ اقتصادي ۽ دفاعي ميدان ۾ ترقي مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ئي ٿي آهي، پڳڙيون اڇلائيندڙ، لاڳيتو ڪوڙ ڳالهائيندڙ ۽ اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪندڙ ڪڏهن پاڪستاني عوام جو ليڊر نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جي را??ه تي گامزن آهي، مخالفن کي ترقي هضم نه ٿي رهي آهي ۽ هو ان جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نڙهه، ڪهوٽا ۾ هڪ وڏي عوامي جلسي کي ??طا?? ڪندي ڪيو. جلسي کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي چيئرمين راجا ظفرالحق، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وفاق?? وزير شاهد خاقان عباسي ۽ صوبائ?? وزير راجا اشفاق سرور پڻ ??طا?? ڪيو. وزيراعظم تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال کي جديد بڻائڻ، 12 اسڪولن کي هايئر سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏيڻ، ڇوڪرين جي لاءِ ڪاليج قائم ڪرڻ، ڪهوٽا ۽ ڪلرسيدان ۾ 100 ڪلوميٽر رستن جي تعمير جي لاءِ فنڊن جي فراهمي جو اعلان ڪيو.
پاڪستان ۾ ترقي مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ئي ٿي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا