اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ??ار??ي لوڪ سڀا ۾ منظور ڪيل تڪراري شهريت بل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ??ار?? جي اهڙي قدم سندس اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ڪابينا مريم نواز جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو معاملو ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو، حڪومت ذيلي ڪميٽي جي سفارشن ۽ ٺوس سببن کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪندي، وزيراعظم سزا يافته ۽ فرار ٿيل ماڻهن جي ميڊيا بيانن جي تدارڪ لاءِ پيمرا سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان لائحه عمل جوڙڻ لاءِ قانون ۽ انصاف واري وزير کي ??صوصي هدايتون ڏنيون، ڪابينا جي سڪوڪ بانڊز ۽ اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تي خدشن تي ٻئي سمريون واپس ورتيون ويون، حڪومت پهرين 15 مهينن ۾ سوئي گئس، بجلي?? زراعت، فرٽيلائيزر جي شعبي ۾ 401 ارب جي سبسڊي ڏني آهي، وزيراعظم عمران خان وفاقي گادي واري شهر جي سمورين اسپتالن کي ??سٽيٽ آف دي آرٽ ادارن ۾ تبديل ڪرڻ جي هدايت ڏني. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي ??ريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا ??ار??ي لوڪ سڀا طرفان شهريت بابت قانون سازي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي قانونسازي ??ار??ي سرڪار جي نام نهاد لبرل ازم جو پردو لاهي ڇڏيو آهي ۽ اهو آر ايس ايس نظرئي جي واڌ جي ايجنڊا جو عملي مثال آهي
وفاقي ڪابينا پاران لوڪ سڀا ۾ منظور ڪيل تڪراري شهريت بل جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش