اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزي?? شاهه محمود قريشي جمعي ڏينهن ترڪي ۾ فلس??ين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر رياض المالڪي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، خطي جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. فلس??ين جي پرڏيهي وزير فلس??ين ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان شاهه محمود قريشي کي آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته فلس??ين جو مسئلو وچ اوڀر ۾ بيچينيءَ جو بنيادي سبب آهي، پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحدي صورتحال ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي روشنيءَ ۾ فلس??ين مسئلي جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي. پاڪستان، فلسطيني عوام جي ??ق خوداراديت جي جدوجهد جي حمايت ڪري ٿو. پرڏيهي وزير فلس??ين جي هم منصب ک?? فلس??ين جي پُرامن مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان طرفان ڪيل سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو ۽ فلس??ين جي مسئلي تي او آءِ سي ۽ عرب ليگ جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان، پاڪستاني عوام طرفان فلسطيني قيادت ۽ عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شرٽ جو تحفو فلسطيني پرڏيهي وزير کي پيش ڪيو جنهن تي لکيل هو ”اي ارض فلس??ين مين ??هي حاضر هون“.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي طرفان فلسطيني پرڏيهي وزير ڊاڪٽر رياض المالڪي سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا