اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته موجوده بحران ۾ افغان ??وام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، افغانستان ??ائين پهچ جي لاءِ پاڪستان ??هم لنگهه آهي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغانستان ۾ انساني الميو پيدا نه ٿئي، پاڪستان ??نساني همدردي جي بنياد تي افغان ??وام جي هر ممڪن مدد ڪندو، سوين صحافي ڪابل ۾ ڦاٿل هئا جن کي ڪابل مان ??نخلا ۾ مدد فراهم ڪئي، پاڪستان ۽ ڪيوبا جي نيوز ايجنسين جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا، پاڪستان ڪيوبا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ??ي قومي نيوز ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ ڪيوبا جي نيوز ايجنسي پرسيناليٽينا جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ هڪ اهم ۽ تاريخي ڏينهن آهي، ڪيوبا ۽ پاڪستان ??ي نيوز ايجنسين جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن ٻنهي خابرو ادارن کي مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي درپيش ??سئ??ن ۽ چئلينجز کي چڱي ريت سمجهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ڪيوبا سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي گڏيل اعتماد، احترام ۽ پراڻي دوستي تي ٻڌل آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته اطلاعات واري وزارت جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ کي جديد دور جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪيو ويو آهي. ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ افغانسان ۾ هيسائين پرڏيهي ميڊيا کي 250 ويزا ۽ 85 بارڊر ڪراسنگ اين او سيز جاري ڪيون. هن چيو ته سوين صحافي ڪابل ۾ ڦاٿل هئا جن کي انخلا ۾ مدد فراهم ڪئي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابل مان پرڏيهي ميڊيا جي ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڪوششن ۾ ڪابل ۾ موجود اسان ??ي سفارتي عملي اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون، اسان ??ي انهن ڪوششن کي عالمي ميڊيا تي ساراهيو پيو وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ??نساني همدردي جي بنياد تي افغان ??وام کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندو، موجوده بحران ۾ افغان ??وام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. هن چيو ته افغانستان ??ائين پهچ جي لاءِ پاڪستان ??هم لنگهه آهي. وزيراعظم جي هدايتن تحت حڪومت ۽ اطلاعات واري وزارت افغانستان مان پرڏيهي شهرين جي انخلا ۾ ڀرپور مدد ڪري رهيا آهن، هن وقت اسان ??و هڪ سي ون ٿرٽي جهاز ڪابل ۾ موجود آهي. هن چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغانستان ۾ انساني الميو پيدا نه ٿئي. هن چيو ته اسان ??فغانستان ??ي عوام کي يقين ڏيارڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان ??نهن جي هر ممڪن مدد ڪندو. تقريب کي خطاب ڪندي ڪيوبا جي سفير زينيئر جيويئر ڪيروگونزيلز چيو ته جعلي نيوز جو ??سئ??و ڪيوبا کي پڻ درپيش آهي. اي پي پي سان ??برن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اطلاعات جي شعبي ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن ڪابل مان پرڏيهي شهرين جي انخلا ۾ مدد ڪرڻ تي پاڪستان ??ا ٿورا مڃيندي چيو ته افغان ??وام جي لاءِ خوراڪ ۽ دوائن جو سلسلو شروع ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي. مفاهمت جي ياداشت تي ڪيوبا جي سفير زينيئر جيويئر ڪيروگونزيلز ۽ قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ??ي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مبشر حسن صحيحون ڪيون. ان موقعي تي اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.
موجوده بحران ۾ افغان عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب